سيالڪوٽ واقعو: سنٿ جئي سوريا کي عمران خان مان اميدون

اڳوڻي سريلنڪن ڪرڪيٽر سنٿ جئي سوريا به سيالڪوٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

ٻه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي جتي سڄي قوم ڏکاري آهي، اتي ئي پرڏيهه ۾ رهندڙ به ان واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

اڳوڻي سريلنڪن ڪرڪيٽر سنٿ جئي سوريا سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ ٿيو، اهو تمام گهڻو حيران ڪندڙ آهي ۽ منهنجي دلي همدردي متاثر خاندان سان آهي.

هن وڌيڪ چيو مون کي يقين آهي ته وزيراعظم عمران خان واقعي ۾ انصاف جا تقاضا پورا ڪندو.

Read Previous

همراهه ڪارنهن تهمت مڙهي زال ۽ ٽن ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

”لعنت هي“، سلمان خان شميتا شيٽي تي تپي باهه

Most Popular