قتل کان اڳ ناريءَ کان پنهنجي ئي قبر کوٽرائڻ جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو

برازيل ۾ ناريءَ جي قتل جو ڇرڪائيندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن پنهنجي قبر پاڻ ئي کوٽي ۽ قتل کانپوءِ ان ۾ دفن ڪئي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 21 ورهين جي امانڊا لباخ جو لاش برازيل جي رياست سانتا ڪترينه جي سمنڊ ڪناري تان هٿ آيو هو.

ناريءَ جي قتل جي الزام ۾ ٻن مردن ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن مان هڪ پوليس کي سمنڊ ڪناري ان جاءِ تي وٺي ويو، جتي لاش کي دفن ڪيو ويو هو.

پوليس برونو فرنينڊس موجب مقتولا پنهنجي دوستن سان گڏ ٻي رياست کان سانتا ڪترينه ۾ پنهنجي هڪ دوست جي سالگرهه ملهائڻ لاءِ آئي هئي، اتي دوستن ئي کيس قتل ڪري لاش دفن ڪري ڇڏيو.

هن ٻڌايو ته امانڊا جو هڪ دوست مبينا طور منشيات جي سمگلنگ ۾ ملوث هو ۽ ناري اهو شڪ هڪ ٻئي دوست اڳيان ظاهر ڪيو هو، جنهن بابت جوابدارن کي خبر پئجي وئي ۽ انهن کيس قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدارن قتل ڪرڻ کان امانڊا کي پنهنجي ئي قبر کوٽڻ تي مجبور ڪيو ۽ مارڻ کانپوءِ ان ۾ دفن ڪري ڇڏيو.

Read Previous

دنيا جو ڌيان ڪورونا ڏانهن، عام بيماري سبب موت جي شرح ۾ غير معمولي واڌ

Read Next

ڀارتي فضائيا جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular