ٽي ٽي پي جنگ بندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) حڪومت سان هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ جنگ بندي ۾ واڌ ڪرڻ کان انڪار ڪندي الزام هنيو آهي ته حڪومت پهريان کان ڪيل فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

ٽي ٽي پي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ 6 نڪاتي معاهدي جا تفصيل ٻڌايا ويا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هنن جو 25 اڪٽوبر 2021ع تي اسلامي امارات افغانستان (آءِ اِي اي) جي حمايت سان حڪومت سان هڪ معاهدو  ٿيو هو.

معاهدي موجب ڌرين قبول ڪيو هو ته افغانستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو ۽ ٻئي ڌريون پنج رڪني ڪميٽيون جوڙينديون جيڪي ٽياڪڙي جي نگراني ۾ ايندڙ لائحه عمل ۽ ٻنهي ڌرين طرفان مطالبابن تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون.

بيان موجب ڌرين هڪ نومبر کان 30 نومبر 2021ع تائين هڪ مهيني جي جنگ بندي، حڪومت طرفان 102 قيدي مجاهدن جي آزادي، انهن کي اسلامي امارات افغانستان ذريعي ٽي ٽي پي جي حوالي ڪرڻ ۽ پهرين نومبر 2021ع تي جنگ بندي جي حوالي سان گڏيل بيان جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ٿيو هو.

بيان موجب حڪومت نه رڳو ڌرين وچ ۾ طئي ٿيل فيصلن تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي پر ان جي بدران سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان، لڪي مروت، سوات، باوجوڙ، صوابي ۽ اتر وزيرستان ۾ ڇاپا هڻي ويڙهاڪن کي ماريو ۽ قيد ڪيو.

ٽي ٽي پي جو چوڻ هو ته اهڙين حالتن ۾ جنگ بندي ۾ واڌ ممڪن نه آهي.

Read Previous

ٻي شادي دين دار شخص سان ڪنديس: وينا ملڪ

Read Next

15 سيڪنڊن ۾ بس مان ريل بڻجي ويندڙ گاڏي تيار

Most Popular