اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم

اسرائيل جي بچاءَ واري وزير بني گينٽز صيهوني فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب بچاءَ وارو وزير بني گينٽز آمريڪا جي دوري تي آهي جتي هو آمريڪا سان گڏجي ايران تي دٻاءَ وڌائڻ جا قدم کڻي رهيو آهي.

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ هو ته آهي بني گينٽز فوج کي ايران تي امڪاني حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هن آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن کي به ايران تي حملي جي تياري کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي طاقتن جي ايران سان ٿيندڙ جوهري ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي اسرائيل جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته دنيا جي ايران سان جوهري معاملي تي ڳالهه ٻولهه جو ڪو به نتيجو نه نڪتو ۽ عالمي برادري ڄاڻي چڪي آهي ته ايران هنن سان گيم کيڏي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايران تي فوج دٻاءَ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ صيهوني فوج کي اسٽرائيڪ لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

آصف علي سڀ کان وزني بيٽ رکڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

توهان کي خبر آهي ته بنا ورزش جي به وزن گهٽائي سگهجي ٿو!

Most Popular