افغانستان لاءِ گڏيل عالمي سهڪار ضروري آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته افغان عوام جي معاشي ترقي لاءِ گڏيل عالمي سهڪار گهربل آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ۽ انٽيليجنس ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر به شريڪ هو.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ افغانستان جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آرمي چيف چيو ته پاڪستان سڀني علائقائي ملڪن سان گڏيل سهڪار، خطي ۾ پرامن لاڳاپا چاهي ٿو.

هن چيو ته افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ گڏيل طور عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي معاشي ترقي لاءِ گڏيل عالمي سهڪار گهربل آهي.

ان موقعي تي آمريڪي سينيٽرن چيو ته پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون.

Read Previous

توهان کي خبر آهي ته بنا ورزش جي به وزن گهٽائي سگهجي ٿو!

Read Next

اسپتال ۾ 13 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي

Most Popular