مراد علي شاهه کي لساني سياست ڪرڻ نه ڏينداسين: مصطفيٰ ڪمال

پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته  پ پ جن کي دهشتگرد چئي رهي آهي، انهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ پ پ نائن زيرو تي ويندي آهي.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پ پ وارا هٿ هٿن ۾ ڏئي جيئڻ مرڻ جا اعلان ڪندا هئا، مصطفيٰ ڪمال رحمان ملڪ جي هڪ ڪال تي ڊيل ڪرڻ وارو ناهي، رحمان ملڪ جي ڪال تي متحده باني به ڍير ٿي ويندو هو.

هن چيو ته هاڻي نه ايم ڪيو ايم آهي نه متحده باني آهي، هاڻي پاڪ سرزمين پارٽي آهي، مراد علي شاهه کي لساني سياست ڪنهن به صورت نه ڪرڻ ڏينداسين، پ پ وارن جي تقريرن مان ثابت ٿيو ته اعليٰ تعليم به ڪجهه نه ڪري سگهي، پ پ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي سياست ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته متحده باني مهاجرن کي استعمال ڪيو، پ پ لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه کي ڇو ترقي نه ڏني، ٿر ۾ ٻارڙا بک وگهي مري رهيا آهن، سنڌ حڪومت کي جيڪي فنڊز ملندا آهن، اهي وزيرن جي کيسن ۾ هليا ويندا آهن.

Read Previous

آمريڪا پاران رد ڪيل ڊزائين تي چين جو هائپر سونڪ ويڙهاڪ جهاز

Read Next

خوف ۽ دهشت جي علامت اوميڪرون چين به پهچي ويو

Most Popular