اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪرائڻ جو تياريون

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد اسلام سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي وفاقي راڄڌاني ۾ موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن پهريان اها خبر آئي هئي ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد ۾ موبائل فون سروس بند رهندي پر ان کان پوءِ پرڏيهي گھرو وزير شيخ رشيد وضاحت ڪئي هئي ته پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تي اسلام آباد ۾ موبائل سروس بند ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو ويندو.

۽ هاڻ شيخ رشيد اعلان ڪيو آهي ته اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي ٽن ڏينهن تائين فون بند نه هوندا.

پر شيخ رشيد او آَءِ سي اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

هن چيو ته ڇنڇر ۽ آچر تي اسلام آباد ۾ موڪل هوندي، ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي جنهن تي اڳ ئي مغذرت ڪيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته افغانستان جي مسئلن تي او آءِ سي ڪانفرنس تاريخي ڪردار ادا ڪندي.

Read Previous

خواجا آصف خلاف ساک کي نقصان رسائڻ جو ڪيس، وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش

Read Next

گوگل ڪروم واهپيدارن لاءِ خطرناڪ وارننگ جاري

Most Popular