ثانيا مرزا بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گھرواري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ثانيا مرزا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آحي جنهن ۾ هن کان بالي جي فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ بابت سوال پڇيو ويو.

ٽينس اسٽار جواب ڏنو ته آئون ٽينس کيڏي رهي آهيان ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ئي ڪافي آهي، ثانيا ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته انسان کي اها ئي شيءِ ڪرڻ گھرجي جيڪا کيس ڪرڻ ايندي هجي.

Read Previous

آمريڪا غلط اطلاعن تي هزارين عام شهرين کي قتل ڪيو، ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف

Read Next

سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا

Most Popular