خيبر پختونخواهه مڪاني چونڊون: تحريڪ انصاف کي ڪيترين ئي جاين تي اپ سيٽ شڪست

A tribesman casts his vote while others waiting their turn during an election for provincial seats in Jamrud, a town of Khyber district, Pakistan, Saturday, July 20, 2019. Pakistan’s northwestern tribal areas are holding their first-ever provincial elections. The seven tribal areas were merged last year as tribal districts into the northwestern Khyber Pakhtunkhwa province. Before that, the tribal areas were federally administered, and residents could only vote in the national assembly. (AP Photo/Muhammad Sajjad)

خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي ڪيترين ئي جاين تي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي.

خيبر پختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ تحريڪ انصاف کي نه رڳو ڪيترن ئي علائقن ۾ اپ سيٽ شڪست ٿي پر مخالف جماعت جي يو آءِ (ف) به ان کان اڳتي رهي.

چئن شهرن ۾ ميئر جي چونڊ ۾ مردان مان اي اين پي ۽ ڪوهاٽ مان جي يو آءِ (ف) جي اميدوارن ميدان ماري ورتو، جڏهن ته ٻين ٻن شهرن ۾ به تحريڪ انصاف پوئتي آهي.

ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ 17 ضلعن جي 64 تعلقي ڪائونسلز مان 31 جا غير سرڪاري نتيجا سامهون آيا آهن.

غير سرڪاري نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) 10 تعلقي ڪائونسلز تي ڪامياب ٿي آهي ۽ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ 9 تعلقي ڪائونسلز ۾ فتح حاصل ڪئي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي ۽ آزاد اميدوار 5-5 تعلقي ڪائونسلز تي ڪامياب ٿيا.

غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ رڳو هڪ تعلقي ڪائونسل جي سيٽ تي صوابي مان ڪامياب ٿي ۽ جماعت اسلامي به هڪ تعلقي ڪائونسل جي سيٽ تي ڪامياب ٿي.

بونير ضلعي جي 6 مان 4 تعلقن ۾ تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، انهن ۾ چغزئي، ڊگر، گديزئي ۽ گاگرا شامل آهن، جڏهن ته ٻن تعلقن جا نتيجا اڃا اچڻا آهن.

صوابي ضلعي جي تعلقي صوابي ۾ پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله خان 29 هزار 363 ووٽ کٽي کڻي ويو آهي، جڏهن ته اي اين پي جو محمد اڪمل خان 21 هزار 50 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو.

صوابي جي تعلقي لاهور ۾ ن ليگ جو عادل خان اڳتي آهي، جڏهن ته صوابي جي تعلقي ٽو پي ۾ جي يو آءِ جو محمد رحيم اڳتي آهي، ڪرڪ ضلعي جي تعلقي ڪرڪ ۾ اي اين پي جو عبدالرحمان پهرئين ۽ پي ٽي آءِ جو عظمت الله خان ٻئي نمبر تي آهي.

Read Previous

فلپائن ۾ سامونڊي طوفان 80 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

Read Next

تبديلي اچي نه پئي پر وڃي رهي آهي: مريم نواز

Most Popular