شڪارپور جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ گڊو پريس ڪلب پھچي ويو ڊي سي شڪارپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ) شڪارپور جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ گڊو پريس ڪلب پھچي ويو ڊي سي شڪارپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل شڪارپور جي علائقي لکي غلام شاھ جي ڳوٺ نورو واسي جو پريمي جوڙو عبدالصمد مھر ولد غلام قادر مھر مريم ولد ڪرم الله سان ڪشمور جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، پرڻي بعد پريمي جوڙو تحفظ لاءِ گڊو پريس ڪلب پھچي ويو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم مھر جو چوڻ هو ته آءُ پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشيءَ سان عبدالصمد مھر سان ڪشمور جي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي منهنجي مڙس مٿان ڪنهن به ڪيس ڪيو ته ان کي ڪوڙو قرار ڏنو وڃي مونکي ۽ منهنجي مڙس کي اڪرم الله، نجيع الله، اسد الله، صفيع الله ۽ عبدالرسول مھر مان جان جو خطرو آهي جيڪي اسان جا دشمن بڻيل آهن ۽ اسان کي قتل ڪرڻ چاھن ٿا ھنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ عزت جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي

Read Previous

حڪمرانن کي ڪڍي پوءِ ڳالهايو، ملڪ سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون: آصف زرداري

Read Next

خيبر پختونخواهه: فضل الرحمان جي جماعت عمران خان جي تحريڪ انصاف کي لوڏي ڇڏيو

Most Popular