شيخ رشيد پنهنجي بيماري بابت ٻڌائي ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجي بيماري جي تصديق ڪري ڇڏي پر هن ان بابت وڌيڪ وضاحت نه ڪئي .

راولپنڊي ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته گذريل ٽن سالن کان بيمار آهيان پر ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان شيخ رشيد بيماري جي حوالي سان خبرن ۾ رهيو آهي ۽ اها ڳالهه به سامهون آئي ته هن وزير اعظم کي ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ جي لاءِ درخواست به ڏني هئي.

گهرو وزير پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي برادري جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪنهن به عيسائي کي اڄ تائين پنندي ناهي ڏٺو، هو محنت ۽ مزدوري ڪري پيسا ڪمائيندا آهن.

هن چيو ته عيسائي دهشتگردي ۾ ملوث ناهن، هتي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو انتظام عيسائي برادري  وٽ آهي، اسان اسلام آباد ۾ به هڪ اهڙو ئي اسڪول ٺهرائي رهيا آهيون.

Read Previous

ڪينگروز کي پنهنجي سرزمين تي هارائڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين: رميز راجا

Read Next

مني بجيٽ آرڊيننس ذريعي آڻڻ جو فيصلو

Most Popular