سج جي فضا کي ڇُهيندڙ پهرئين خلائي جهاز اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا

ڪجهه ڏينهن اڳ ناسا هڪ تاريخي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو انسان جي ٺاهيل ڪنهن شيءِ سج جي فضا جي اندر جو سفر ڪيو آهي. ناسا جو مشهور پارڪر سولر پروب بابت چوڻ هو ته اهو سج کي ڇُهيندڙ پهريون خلائي جهاز به آهي.

پارڪر نالي ان جهاز هڪ وڏي راز تي به روشني وڌي آهي ته آخر ان جي فضا شمسي سطح کان وڌيڪ گرم ڇو آهي؟ پوءِ سائنسدانن اهو به چيو ته سج جي سطح کان مٿي مٿانهين فضا ۾ لاڳيتو حرڪت ۾ هڪ غير مرئي رنڊڪ يا سرحد آهي جنهن کي ايلف وين پوائنٽ جو نالو ڏنو  ويو آهي.

واضح رهي ته ان نقطي جي اڳيان عجيب طبعي مظهر آهن يعني مخلف عنصر مختلف انداز ۾ گرم ٿيندا آهن. پارڪ تحقيق کان پوءِ ناسا ان تي 3 مقالا به لکيا آهن.

هن سال اپريل ۾ پارڪ جهاز سج جي فضا ۾ پهتو جنهن کي ڪورونا جو نالو ڏنو ويو آهي پر واضح رهي ته اهو هنڌ سج کان 81 لک ميل پري آهي.

گھٽ ۾ گھٽ مفاصلي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پارڪر جهاز سج کان 65 لک ميل مفاصلي تائين پهتو هو. اتي سج جي نامناسب فضا ۽ خوفناڪ گرمي کان بچڻ لاءِ ان تي خصوصي حفاظتي چادر (شيلڊ) لڳائي وئي آهي.

پارڪر خلائي جهاز ٻڌايو ته سج جي فضا لاڳيتو هموار نه آهي ۽ ان ۾ لاها چاڙها آهن. ٻي پاسي ان تيز شمسي جهڪڙي جي هڪ سورس جو به اشارو ڏنو آهي جن کي سوئچ بيڪس چيو ويندو آهي ۽ ٻيو اهو ته هڪ طرح جو جعلي فضائي اسٽريمر دريافت ڪيو ويو آهي جنهن کي سوڊواسٽريمر سڏيو ويو آحي.

سوئچ بيڪس چار ٿيندڙ ذرڙن جو هڪ ميڙاڪو آهي جيڪو سج جتي زگ زيگ جي صورت ۾ سفر ڪندا آهن. سوڊواسٽريمر هڪ وڏي گيس جي شڪل آهي جيڪا ڪورونا ۾ رهندي اڳتي ۽ پوئتي گرڊش ڪندي رهي ٿي.

Read Previous

نيپال ۾ ٽائر ڦاٽڻ سبب مسافرن پاران جهاز کي ڌڪو لڳائڻ جو انوکو واقعو

Read Next

تحريڪ انصاف جي نئين تنظيم جو اعلان، اسد عمر جنرل سيڪريٽري مقرر

Most Popular