ڪورونا جو خطرناڪ ويرينٽ اومي ڪرون اسلام آباد به پهچي ويو

وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو.

اين آءِ ايڇ ذريعن موجب اسلام آباد ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ جو عمل جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي شهري ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي ۽ مريض جي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪا ٽريول هسٽري ناهي.

ذريعن موجب اومي ڪرون مريض جي رڳو ڪراچي جي ٽريول هسٽري آهي ۽ مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي پهرئين ڪيس جي تصديق 13 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿي هئي، جتي هڪ عورت ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جيڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ صحتياب ٿي وئي.

Read Previous

تحريڪ انصاف جي نئين تنظيم جو اعلان، اسد عمر جنرل سيڪريٽري مقرر

Read Next

نواز شريف زور ڀرڻ باوجود سياسي مخالفن کي نشانو نه بڻايو: سعد رفيق

Most Popular