نواز شريف ڪهڙي صورت ۾ موٽندو؟ شهباز گل ٻڌائي ڇڏيو

وزير اعظم جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته نواز شريف علاج جي بهاني ملڪ مان فرار ٿيو، ان جي پاسپورٽ کي نئون نه ڪنداسين، نواز شريف واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري.

چشتيان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي شهباز گل چيو ته نواز شريف بي دخل ٿي پاڪستان ۾ پهچندو ته سڌو  جيل ويندو.

هن چيو ته عدالت نواز شريف کي انساني همدردي جي بنياد تي ٻاهر وڃڻ ڏنو، اسان چاهيون ٿا ته نواز شريف ڏيهه اچي پنهنجي سزا پوري ڪري.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به پنهنجي حياتي ۾ واپس نٿو اچي سگهي، هو هڪ ئي صورت ۾ واپس ايندو، جڏهن برطانيا پاڻ کيس نيڪالي ڏئي.

Read Previous

نواز شريف کي جنم ڏينهن جون واڌايون، سندس ڀاءُ هجڻ تي فخر آهي: شهباز شريف

Read Next

پاڪ فوج جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ جوان شهيد

Most Popular