شهيد بينظير ڀٽو مثالي عالمي اڳواڻ هئي، هن جمهوريت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شهيد ماءُ کي ياد ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو هڪ مثالي عالمي اڳواڻ هئي. بلاول ڀٽو چيو ته بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، قوم بينظير ڀٽو کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.
بينظير ڀٽو جي 14هين شهادت واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اهو عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي ۽ انتها پسندي جو خاتمو ڪنداسين ۽ جمهوريت جي مضبوطي، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۽ معاشرتي مساوات جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.
پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه غريب عوام لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. عوام جو ساٿ هميشه پ پ سان رهيو آهي.

Read Previous

قومي سلامتي ڪميٽي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

حريم کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي، هو هميشه منهنجي عزت ڪندي آهي: بلال شاهه

Most Popular