مُئل سمجهيل شخص آخري رسمن ۾ اُٿي پيو

Relatives stand next to the burning funeral pyre of a person, who died due to the coronavirus disease (COVID-19), at a crematorium ground in New Delhi, India, April 22, 2021. REUTERS/Danish Siddiqui

ڀارت ۾ مئل سمجهيل آخري رسمن کان ڪجهه وقت اڳ اُٿي پيو.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست گجرات ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي ڪئنسر ۾ مبتلا مريض کي وارث مئل سمجهي آخري رسمن جي لاءِ شمشان گهاٽ پهچايو ته هو اُٿي پيو.

رپورٽ موجب ڪئنسر ۾ مبتلا هڪ شخص کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مريض جي حالت خراب ٿي وئي ۽ کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪرڻو پيو پر مريض جا وارث وينٽي ليٽر جو  خرچ برداشت نه ڪري سگهيا ۽ هنن  مريض کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ زور ڀريو، مريض کي جيئن ئي وينٽي ليٽر تان هٽايو ويو ته هن ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيو.

ساهه بند ٿيڻ بعد وارث مريض کي مئل سمجهي شمشان گهاٽ کڻي ويا پر اتي پهچڻ بعد هن شخص اکيون کولي ڇڏيون، جنهن بعد فوري طور ايمبولينس گهرائي طبي معائنو ڪيو ويو ۽ کيس علاج لا ءِ ٻيهر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس غلفت جو مظاهرو ڪرڻ تي اسپتال جي اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

Read Previous

شاهنواز ڏاهاڻي جي نَڪ جو ڪامياب آپريشن

Read Next

”وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائز ٿي ويندي آهي، ڪنهن غريب جي جُهڳي ڪيرائڻ نه ڏينداسين“

Most Popular