راڻا شميم نوازشريف جي سامهون حلفي بيان ٺهرايو: شهباز گل

وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته راڻا شميم نوازشريف جي سامهون حلفي بيان ٺهرايو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز گل چيو ته شريف خاندان جا ماڻهو نالائق ماڻهن جي سرپرستي ڪندا آهن.
راڻا شميم کي جعلسازي سان گلگت بلتستان جو چيف جج بڻايو ويو. راڻا شميم کي جعلسازي ڪري هاءِ ڪورٽ جو جج به بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هن جعلسازي ذريعي پنهنجي عمر تبديل ڪئي. گذريل حڪومت دوران ادارن ۾ جعلسازي سان مقرريون ڪيون ويون. شريف خاندان 1980ع کان پوءِ ادارن کي نقصان پهچايو.
شهباز گل چيو ته هڪ صحافي فون ڪري ٻڌايو ته ان کي نوٽري پبلڪ مان گهڻو ڪجهه نوٽرائز ڪرايو ويو. راڻا شميم ڪيس ۾ 7 ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Read Previous

وفاقي ڪابينا ناظم جوکيو قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سلمان خان ۾ ايڏو زهر جو نانگ ويچارو پاڻ مري ويو: ڪمال راشد

Most Popular