آسٽريليا ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ زبردست واڌ

آسٽريليا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ رڪارڊ واڌ ڏٺي وئي آهي.

آسٽريلوي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڪيسن تي ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو آهي.

چيو پيو وڃي ته آسٽريليا ۾ ڪورونا وائرس جي ان تيز رفتار پکيڙ جو سبب اومي ڪرون آهي.

گذريل ڏينهن سڊني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 11 هزار ٿي ويو، جيڪو ان جي گذريل ڏينهن 6 هزار هو.

صحافين سان ڳالهائيندي اسڪاٽ موريسن جو چوڻ هو ته اومي ڪرون جي پکيڙ سبب حالتون بگڙي رهيون آهن، جڏهن ته اختياريون ان معاملي تي پنهنجي منصوبن تي عمل ڪري رهيون آهن.

Read Previous

محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي پليئر آف دي ايئر جي نامزدگين ۾ شامل

Read Next

پي ٽي آءِ جو دور معيشت، گورننس جي لحاظ سان بدترين رهيو: شهباز شريف

Most Popular