شهباز شريف جي تقرير نوڪريءَ جي درخواست هوندي آهي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير کي نوڪري جي درخواست قرار ڏئي ڇڏيو.

پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هر ٽن مهينن کانپوءِ چيو ويندو آهي ته حڪومت ڏکيائين ۾ آهي پر حڪومت ڪنهن ڏکيائي ۾ ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيو ويندو آهي ته نواز شريف اڄ اچي رهيو آهي، سڀاڻي اچي رهيو آهي، نواز شريف جڏهن سعودي عرب ويو هو، تڏهن به اهو ئي ٻڌي رهيا هئاسين جيستائين سمجهوتو نه ٿيو.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جي تقرير نوڪري جي درخواست هوندي آهي.

Read Previous

پي ٽي آءِ جو دور معيشت، گورننس جي لحاظ سان بدترين رهيو: شهباز شريف

Read Next

قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي شگفتا جماڻي ۽ تحريڪ انصاف جي غزالا سيفي هٿين پئجي ويون

Most Popular