شيخ رشيد مني بجيٽ جا انگ اکر ٻڌائيندي وڏي غلطي ڪري ويو

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد مني بجيٽ جو حساب ڪتاب ٻڌائيندي گڙ ٻڙ ڪري ويو ۽ مني بجيٽ کي 72 ارب ڊالرز جي قرار ڏئي ڇڏيو.

پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مني بجيٽ 350 ارب رپين جي ناهي، صرف 72 ارب ڊالرز جي آهي، تصحيح ڪرائڻ بعد چيائين ته 72 اربن جي آهي، رڳو 2 ارب رپين جو بار پوندو.

سندس چوڻ هو ته شوڪت ترين چيو آهي ته 17 سيڪڙو ٽيڪس عوام تي نه پر ڪجهه شين تي لڳندو.

شيخ رشيد دعويٰ ڪئي ته اتحادي حڪومت سان گڏ ئي هوندا آهن.

Read Previous

قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي شگفتا جماڻي ۽ تحريڪ انصاف جي غزالا سيفي هٿين پئجي ويون

Read Next

مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش، اپوزيشن جو سخت احتجاج

Most Popular