واٽس ايپ جو گروپن مان تنگ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر

واٽس ايپ واهپيدارن جي آساني لاءِ هڪ ٻئي زبردست فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو.

ايپليڪيشن جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو موجب هن ڀيري ايپ گروپس جي هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو گروپس مان بيزار ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته گهٽ کان گهٽ گروپن جو حصو رهن.

ان کي ڏسندي واٽس ايپ جلد ڪميونٽي نالي فيچر متعارف ڪرائيندو، جنهن ۾ 10 گروپن کي هڪ ئي وقت هڪ جاءِ تي شامل ڪري سگهبو، معنيٰ 10 گروپن جو هڪ فولڊر ٺهي ويندو.

گروپن جي ڪميونٽي جوڙيندڙ واهپيدار پاڻ ئي ان جو ايڊمن هوندو ۽ ان جي اختيار ۾ هوندو ته ڪهڙا گروپ ان فولڊر جو حصو هوندا.

Read Previous

نورا فتحي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

Read Next

ملڪاڻي شريف : بئراجي علائقن جو ٽماٽو ٽڪي ڌڙي ۾ نيلام ٿيڻ لڳو

Most Popular