والاريل ڪشمير ۾ مندر ۾ ڀاڄ سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ هڪ مندر ۾ ڀاڄ جي هڪ واقعي ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اختيارين ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو ته اهو واقعو وشنو ديوي جي هڪ مندر ۾ رات جي وقت ان وقت پيش آيو، جڏهن ماڻهو اتي مذهبي عبادت لاءِ گڏ ٿيا هئا.

ٻڌايو ويو آهي ته نئين سال جي خاص عبادت جي موقعي تي اتي گڏ ٿيل سڀ هندو ياتري مندر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ ان ئي ڪوشش ۾ اوچتو ڀاڄ پئجي وئي.

رپورٽن موجب ان واقعي ۾ 13 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.

Read Previous

ڪپتان کي بااختيار بڻائڻ سان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آيو

Read Next

غريب ماڻهو لاءِ بنيادي شين جي خريداري ڏاڍي ڏکي ٿي چڪي آهي: جهانگير ترين

Most Popular