مٿي جو سور موتمار به ثابت ٿي سگھي ٿو

مٿي ۾ سور سدائين خطرناڪ ناهي هوندو پر ڪڏهن ڪڏهن اهو متاثر لاءِ موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن فوري طور تي ان جي سڃاڻپ ڪري وٺجي ته ڊاڪٽر ان خطري کي گھٽ ڪري سگھي ٿو.

هيٺ اهي علامتون بيان ڪجن ٿيون جن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي.

1-مٿي ۾ ڪجهه سيڪنڊن يا منٽ لاءِ اهڙو سور پوڻ جيڪو برداشت ڪرڻ جوڳو هجي.

2-جسم جو پاسو مٽائڻ تي سور جي شدت ۾ تبديلي اچڻ.

3-کنگهه، نِڇَ يا جسم تي ڪنهن به قسم جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ مٿي ۾ سور پوڻ.

4-اهڙو سور جيڪو ختم نه ٿيندو هجي.

5-اهو سور جيڪو 50 سال عمر گذرڻ بعد شروع ٿئي.

6-اهڙو سور جيڪو بخار، ٿڌ، رات جو پگھر يا بنا ڪنهن سبب جي وزن گھٽتائي سان سلهاڙيل هجي.

7-سور جي شدت ۾ يا ان جي نوعيت ۾ لاها چاڙها.

8-مٿي ۾ ڪنهن مخصوص جاءِ تي سور ٿيڻ.

9-نفسياتي حالت جهڙوڪ ڏسڻ جي صلاحيت، جسم جي هڪ حصي جو سُن ٿيڻ يا ان ۾ ڪمزوري محسوس ٿيڻ يا ڳالهائڻ جي صلاحيت متاثر ٿيڻ سان سور جو واسطو هجڻ.

10-سور وقت اکيون ڳاڙهيون يا انهن ۾ سور ٿيڻ.

مٿي ڄاڻايل علامتون جيڪڏهن ظاهر ٿين ته فوري طور تي طبي امداد حاصل ڪرڻ گھرجي. ان کانسواءِ:

1-دماغي حالت ۾ تبديلي سان سور.

2-سور وقت چهري جا پٺا (Muscles) متاثر ٿيڻ يا جسماني رخ کي تبديل نه ڪري سگھڻ.

3-مرگھي

4-اوچتو برداشت نه ڪرڻ جوڳو سور پوڻ.

اهڙين علامتن ۾ فوري طور تي معائنو ڪرائڻ گھرجي ۽ پاڻ ڊرائيونگ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

Read Previous

وفاقي حڪومت جو نواز شريف کي واپس نه آڻڻ تي شهباز شريف خلاف ڪارروائي جو فيصلو

Read Next

چاهيان ٿي ته نئين سال ۾ گھٽ ايف آءِ آر ۽ وڌ کان وڌ لوو ليٽر ملن: ڪنگنا رناوت

Most Popular