ماهرا خان جو مداحن کي نئين سال جو تحفو

پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان پنهنجي مداحن کي نئي سال جي شروعات ۾ سال جو پهريون تحفو ڏئي ڇڏيو.

اداڪارا جي مداحن جي انتظار جو وقت آخر پڄاڻي تي پهتو، ڇو ته ماهرا جي نئين فلم ” قائد اعظم زندا آباد“ جي ريليز جو اعلان ٿي ويو .

فلم جي پروڊڪشن هائوس فلمان والا پڪچرز مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فلم جو  ٽيزر شيئر ڪندي فلم جي ريليز واري تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

فلم جي پروڊڪشن هائوس پاران ٽوئيٽ ۾ لکيو ويو آهي ته نئي سال جو پهريون تحفو.!

فلم بابت مختصر تفصيل ٻڌائيندي وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اوهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ” قائد اعظم  زندا آباد “ ريليز ٿي رهي آهي؟. جي ها، اداڪار فهد مصطفيٰ ۽ اداڪارا ماهرا خان جي فلم، جنهن ۾ هدايتڪار نبيل قريشي ۽ پروڊيوسر فضاءَ آهي، هن سال قرباني واري عيد جي موقعي تي پوري دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.

Read Previous

مسجد مسمار نه ڪرڻ جي اپيل رد، زمينن تي قبضي ۾ مذهب جو استعمال ٿي رهيو آهي: سپريم ڪورٽ

Read Next

وڏي وزير پي ايس ايل لاءِ سنڌ جي پنهنجي ٽيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular