صبا قمر کي وري شادي جي آڇ

مشهور اداڪارا صبا قمر کي سندس مداح شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.

بلوچستان سان واسطو رکندڙ رافع محمود نالي واهپيدار انسٽاگرام اڪائونٽ تي سوالن ۽ جوابن جو هڪ سيشن رکيو.

هڪ واهپيدار پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته آئون 50 ورهين جي عمر ۾ صبا قمر سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو پر منهنجو شوبز انڊسٽري سان ڪو به واسطو نه آهي آئون ان معاملي ۾ مذاق ناهيان ڪري رهيو آئون سنجيده آهيان.

رافع محمود پنهنجي اسٽوري شيئر ڪئي ۽ اداڪارا کي مينشن ڪندي لکيو ته اهو اوهان لاءِ هڪ ٻيو پروپوزل اچي ويو آهي، مهرباني ڪري ان بابت سوچيو.

صبا قمر اسٽوري کي ري پوسٽ ڪيو ۽ لکيو ته ”لفظ قبول آهي مون کي راس ناهي ايندو“.

واضح رهي ته ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا صبا قمر کي سندس چاهيندڙن طرفان سوشل ميڊيا تي شادي جي آڇ ٿي چڪي آهي.

Read Previous

سانگهڙ فلور مل ڊي ايف سي روشن علي منگي فڊ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سستي اٺي جا اسٽال لڳائي ڇڏيا

Read Next

پي سي بي آفيسرن ۽ اسٽاف جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل سامهون اچي ويا

Most Popular