خيبر پختونخواهه: مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

A Pakistani soldier stands guard as an election official carries election materials at a distribution centre in Islamabad on July 24, 2018. Pakistan will hold its general election on July 25. / AFP PHOTO / AAMIR QURESHI

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) خيبر پختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن موجب فوج پوليس سان گڏ پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪئي ويندي، جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ ري پولنگ دوران به فوج مقرر هوندي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت پاران امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پڌرائي موجب فوج مقرر ڪرڻ بابت بچاءَ واري وزارت کي خط ۾ لکيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ تشدد وارن واقعن جي ذميوارن خلاف ضروري قانوني ڪارروائي ٿيندي.

پڌرائي ۾ چيو ويو  ته پشاور ۾ پولنگ اسٽيشنز تي بيلٽ پيپرز ڦاڙڻ جي ويڊيو ڏيکاري وئي، بيلٽ باڪس ٽوڙڻ، پولنگ عملي کي مار ڪٽ ڪرڻ جي به ويڊيو ڏيکاري وئي، جڏهن ته ويڊيو ۾ 2 کان 3 پوليس اهلڪار به هئا جيڪي رڳو تماشائي بڻيل هئا.

اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومت جي امن امان قائم رکڻ واري ناڪامي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ چيو ته جيڪو پلان اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويو، ان تحت پوليس مقرر نه ڪئي وئي.

واضح رهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پهرئين مرحلي دوران 17 ضلعن ۾  19 ڊسمبر تي مڪاني چونڊون ٿيون هيون.

Read Previous

پي سي بي آفيسرن ۽ اسٽاف جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل سامهون اچي ويا

Read Next

آرمي چيف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ بابت اڃا ناهي سوچيو: وزيراعظم

Most Popular