طالبان عورتن جي راندين جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي

طالبان ڪابل ۾ عورتن جي راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ ڪيترن ئي اسپورٽس ڪلب جي مالڪن جو چوڻ احي ته عورتن جي راندين جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي پر کين ڪجهه راندين جي سرگرمين جي اجازت آهي جنهن ۾ فٽنيس جو وڌيڪ عمل دخل آهي.

افغان ميڊيا موجب ان سلسلي ۾ امارت اسلاميا افغانستان حڪومت جو چوڻ آهي ته عورتن کي اسلامي قدرن ۽ افغان ثقافت تي ٻڌل راندين جي سرگرمين جي اجازت ڏني ويندي.

ڪابل ۾ تاءِ ڪوانڊو ۽ جبل ڇاڙهن جي ڪوچ طاهرا سلطاني جو چوڻ آهي ته هو گذريل 8 ورهين دوران قومي ئي نه پر عالمي سطح تي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

طاهرا سلطاني موجب جڏهن کان طالبان اقتدار ۾ آيا آهن کين ورزش جي اجازت نه آهي، ورزش لاءِ جڏهن هنن اسپورٽس ڪلب سان رابطو ڪيو ته کين ٻڌايو ويو ته اتي عورتن جي ورزش جا سينٽر بند ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ان کان اڳ طالبان طرفان عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

Read Previous

ڀارت ۾ اومي ڪرون سبب پهريون موت

Read Next

آئين موجب عمران نيازي ملڪ جو وزير اعظم ناهي: شهباز شريف

Most Popular