مدني مسجد جي هڪ اينٽ ٽوري نٿو سگهي : جمعيت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو

ڪراچي(اسٽاف رپوٽر )جمعيت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين جي يو آئي صوبائي مجلس عامله جي حڪم تحت احتجاجي مظاهره ڪيا ويا.ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن،عهديدارن،نمائندن ۽ شهرين جو شڪرگذار آهيان.آمون حيران آهيان ته ملڪ جو وزيراعظم رياست مدينه جي نعري تي اقتدار ۾ آيو.مدينه پاڪ وڃي جتي لاهص ڪري هلي ٿو.جڏهن گرونانڪ تي وڃي ٿو ته اتي ذائرين لاء مفت ويزا،کاڌو،رهائش ۽ ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو اعلان ٿو ڪري ۽ وزيرخارجه جيڪو پڻ مديني جي رياست جي ڳاله ٿو ڪري اهو گرونانڪ تي وڃي چوي ٿو ته عمران خان چار سئو مندر تعمير ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسان جي ملڪ جو آئين چوي ٿو ته قرآن ۽ سنت خلاف ڪوبه قانون پاس نه ٿيندو.هن ملڪ جو چيف جسٽس چوي ٿو ته پاڪستان جي ججن کي حڪم ٿو ڪريان ته مندرن جي لاء جڳه خالي ڪرايو.اقليتن کي انهن جا حق ڏنا وڃن.جي يو آئي اقليتن جي جان،مال،عزت جي چوڪيداري ڪري ٿي.لاڙڪاڻي،گهوٽڪي،ڪي پي ڪي جي مندرن کي باهي لڳي اتي باهي کي وسائڻ لاء جي يو آئي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.اسان چاهيون ٿا اقليت محفوظ هجن انهن جون عبادت گاهون محفوظ هجن،پر ڇا سبب آهي مندر،گرونانڪ،انڊيا جو ايجنٽ محفوظ آهي صرف باقي مدني مسجد سپريم ڪورٽ کان غيرمحفوظ آهي.ٻڌي ڇڏين هنن جو پئ مدني مسجد جي هڪ اينٽ ٽوري نٿو سگهي.هي ٿيندا ڪير آهن دين،مسجد،مدرسن سان هٿ چوراند ڪرڻ وارا جي يو آئي جي ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن.قائد مولانا فضل الرحمان ڪارڪنن جي پيرن ۾ زنجير ويجهي ڃڏي آهي نه ته اڄ قائد حڪم ڪري ته هنن جو تخت ابتو ڪري ڇڏيون.اسان ڪورٽن،ججن جو احترام ڪريون ٿا.پر جڏهن فيصلا آئين،سنت،خلاف ايندا ته اسان انهن فيصلن کي پنهنجي جتي جي نوڪ سان هڏائينداسين.هن ملڪ ۾ قرآن ۽ اسلام جو نظام مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ آڻينداسين.چون ٿا مسجد غيرقانوني آهي.سرڪاري پلاٽ تي آهي هن ئي عدالتن مان بحريه ٽائون،بني گالا جا فيصلا آيا هئا اهي ساڳيا فيصلا مدني مسجد جي لاء ڇو نٿا اچن ڇا اتي جج صاحبان کي رقم ته نه ملي هئي ؟جيڪڏهن ائين آهي ته جج صاحب رقم ٻڌائي اسان پنهنجا گهر وڪرو ڪري قيمت ادا ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته هاڻ چون ٿا ماڻهن کي پارڪ جي ضرورت آهي هيستائين پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهو درخواست ڏىي چڪا آهن ته اسان کي پارڪ جي ضورت نه آهي اسان کي مسجد جي ضرورت آهي.هن ئي مسجد جي پويان پارڪ موجود آهي جتي موالين،چرسي،شرابي،ڪتا،ٻلا،گڏا ۽ عمران خان جا چاهيندڙ ويٺل هوندا آهن.هڪ مسجد جو مسئلو نه آهي دين کي معدود ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته اڄ آئون اعلان ٿو ڪريان سپريم ڪورٽ طرفان الفتح مسجد شهيد ڪئي وئي ان کي پنهنجي نگراني ۾ تعمير ڪرائڻ جو اعلان ٿو ڪريان جتي جتي انڪروچمنٽ جي نالي تي مسجيدون شهيد ٿيون آهن ان مسجد جي انتظاميه مونسان رابطو ڪري آئون مسجيدون ٻيهر تعمير ڪرائيندس هي مسجيدون شهيد ڪن اسان مسجيدون تعمير ڪنداسين ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪامياب ٿئي.هن چيو ته جيستائين جميعت علماء اسلام جو هڪ به ڪارڪن زنده آهي اسلام خلاف ڪپبه فيصلو ٿيڻ نه ڏينداسين.

Read Previous

اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا جا حملا تيز، ٽن مهينن بعد سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ

Most Popular