آمريڪا شام سان واسطو رکڻ جي بنياد تي ماڊل کي مسز ورلڊ مقابلي ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو

هن چيو ته آئون برطانوي شهري آهيان، آئون ان مقابلي ۾ برطانيا جي ئي نمائندگي ڪري رهي آهيان پر اندازو نه هو ته مون کي آمريڪا جي ويزا نه ملندي.

برطانوي ماڊل آمريڪي سفارتخاني کي اپيل ڪئي آهي ته هو کيس مقابلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وقت تي ويزا فراهم ڪري.

ٻي پاسي هڪ بيان ۾ آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ويزا رڪارڊ آمريڪي قانون تحت ڳجهو آهي، ان ڪري اسان انفرادي ويزا ڪيسن جي تفصيلن تي نٿا ڳالهائي سگھون.

ان کانسواءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي آمريڪي حڪومت جو چوڻ آهي ته درخواست ڏيندڙ جيڪي انهن ملڪن جا شهري آهن جتي رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ٿيندي آهي، انهن جو انٽرويو قونصلر آفيسر کان ٿيڻ گھرجي.

واضح رهي ته شام به آمريڪا جي انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 2013ع ۾ برطانيا اچڻ کان پوءِ لين ڪلائيو انگريزي ڳالهائڻ سکي پر عورتن جي برابري ۽ پناهه گيرن جي حقن لاءِ به مهم هلائي.

برطانوي ماڊل 15 جنوري تي ٿيندڙ مسز ورلڊ جي 35 هين سالياني ايوينٽ ۾ حصو وٺڻ واري هئي، جنهن ۾ 57 ملڪن کان شادي شده ماڊلز کي شرڪت ڪرڻي آهي پر، ويزا جاري نه ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته برطانيا ان مقابلي ۾ شرڪت نه ڪندو.

Read Previous

بابر اعظم سان گڏ نظر ايندڙ عورت ڪير آهي؟

Read Next

وڏو وزير عثمان بزدار امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ مري پهچي ويو

Most Popular