مري ۾ اهم روڊ ڪليئر، وڌيڪ پئسا وٺندڙ هوٽلن خلاف ڪارروائي جو حڪم

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري جي هوٽلن ۾ اوور چارجنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عثمان بوزدار راولپنڊي جي ڪمشنر کي اوور چارجنگ ڪندڙ هوٽلن خلاف بنا امتياز ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته اوور چارجنگ ڪاروبار نه پر ڦرلٽ جي  برابر آهي، جيڪو برداشت جوڳو ناهي، انتظاميا سياحتي ماڳن تي ريٽ لسٽ موجب خريد ۽ وڪرو يقيني بڻائي، سياحتي ماڳ تي سياحن کي لٽيندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو.

هوڏانهن ٽريفڪ پوليس ترجمان چيو آهي ته مري جي سڀني روڊن کي ٽريفڪ لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس 72 ڪلاڪن تائين سياحن جي مدد ڪئي ۽ روڊ ڪليئر ڪرائڻ لاءِ متحرڪ رهي.

ترجمان موجب جهيڪا گلي کان لوئر ٽوپا ۽ لارنس ڪاليج تائين روڊ مڪمل ڪليئر آهي، جڏهن ته جهيڪا گلي کان ڪلڊنا ۽ ڪلڊنا کان باڙيان تائين روڊ تان برف هٽائي ڪليئر ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته برف ۾ ڦاٿل گاڏيون محفوظ هنڌ منتقل ڪري مالڪن کي ڏنيون پيون وڃن، مري جا سمورا داخلي رستا سياحن لاءِ اڄ رات 9 وڳي تائين بند آهن.

Read Previous

پاڪستان جي امن جو دشمن انتهائي گهربل دهشتگرد محمد خراساني افغانستان ۾ مارجي ويو

Read Next

رياست جو مائينڊ سيٽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ئي نه: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

Most Popular