عثمان خواجا ساٿي رانديگرن سوڌو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ بيچين

آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا چيو آهي ته پاڪستان جو دورو آسٽريلين ڪرڪيٽرن لاءِ گيم کي ڪجهه واپس ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي.

آسٽريلوي اوپنر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ سان پيار ڪندڙ آهي، مان پنهنجي ساٿي ڪرڪيٽرن کي چيو آهي ته اهي پاڪستان جو دورو ڪري اتي ڪرڪيٽ جي بحالي، راند کي هٿي ۽ بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته مون کي ننڍي کنڊ ۾ سدائين سپورٽ ملي آهي، بنگلاديش، ڀارت، خاص طور پاڪستان ۾ جتي پيدا ٿيو آهيان، مان اتي پي ايس ايل کيڏي، مون کي سپورٽ ڪيو ويو، اهو سڀ شاندار هو.

سندس چوڻ هو ته مان ٻيهر اتي وڃي کيڏڻ چاهيان ٿو ۽ اهو وقت گهڻو پري ناهي، منهنجي خيال ۾ اهو دورو پاڪستان کي ڪجهه ڏيڻ جو سٺو موقعو آهي، ڇو ته پاڪستان گهڻو عرصو ڪرڪيٽ کان محروم رهيو.

عثمان خواجا موجب مان پنهنجي ساٿين کي چيو آهي ته اها جنريشن توهان مان ڏاڍي متاثر آهي، انهن ڪڏهن ڊيوڊ وارنر، مارش، سمٿ کي پنهنجي اکين سامهون ناهي ڏٺو، رڳو ٽي وي تي ڏٺو آهي، مان پراميد آهيان نه رڳو پنهنجي لاءِ پر پاڪستان ڪرڪيٽ ۽ انهن سڀني نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ، جيڪي مستقبل ۾ پروفيشنل ڪرڪيٽر بڻجڻ چاهين ٿا.

Read Previous

سعودي شهزادي کي 3 سال قيد ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو

Read Next

ارجيت سنگهه گهرواري سوڌو ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular