شاهد آفريدي جي والدين کي ٻارن جي ”ڊوپ ٽيسٽ“ ڪرائڻ جي اپيل

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي نوجوانن ۾ منشيات جي وڌندڙ استعمال تي والدين ۽ استادن لاءِ هڪ پيغام جاري ڪيو آهي.

شاهد آفريدي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ والدين ۽ استادن کي ٻارن جي ڊوپ ٽيسٽ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.

هن چيو ته اسان وٽ ڪيترائي والدين ۽ استاد ٻارن جي حوالي سان پريشان رهندا آهن، انهن مان ڪجهه اهڙا خاندان به آهن، جن کي پوليس ٿاڻن تائين وڃڻو پوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته اها پريشاني اسان جي نوجوانن ۾ منشيات جو استعمال آهي، معاشري ۾ نوجوانن ۾ منشيات جي استعمال ۾ واڌ نظر آئي آهي، محبت مون سميت سڀ والدين پنهنجي ٻارن سان ڪندا آهن پر اها محبت اهڙي نه هجڻ گهرجي جو توهان انڌا ٿي وڃو.

شاهد آفريدي والدين ۽ استادن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکو، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردن جون سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ڊوپ ٽيسٽون ڪرايو ته جيئن ڪنهن به پريشاني کان بچي سگهجي ۽ اڳتي هلي پڇتائڻو نه پئي.

Read Previous

آنگ سان سوچي کي وڌيڪ 4 سال قيد جي سزا

Read Next

”ڪُوڙ جي رفتار تيز هوندي آهي پر منزل تي رڳو سچ پهچندو آهي“

Most Popular