سوچ سان ڪنٽرول ٿيندڙ هيڊ فونز

آمريڪي اسٽارٽ اپ ڪمپني ”وائزيئر“ (Wisear) اهڙا ننڍا هيڊ فونز (ايئر بڊز) ايجاد ڪيا آهن جن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رڳو سوچڻ ئي ڪافي آهي ڇو جو اهي دماغ جون لهرون پڙهي ڪم ڪندا.

انهن هيڊ فونز ذريعي پنهنجي سوچ جي طاقت سان سلهاڙيل ڊجيٽل آڊيو پليئر ۾ گيت تبديل ڪري سگھو ٿا ۽ گيتن جو آواز به گھٽائي يا وڌائي سگھو ٿا.

انهن کي سوچ پڙهڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ انهن ۾ خاص قسم جي حياتي (بايو سينسرز) لڳايا ويا آهن جيڪي چهري جي پٺن ۽ دماغ ۾ ٿيندڙ سرگرمين جا سگنلز نوٽ ڪندي ۽ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي، انهن سگنلز کي هدايتي پيغام (ڪنٽرول انسٽرڪشنز) ۾ تبديل ڪندا آهن.

هيڊ فونز سان سلهاڙيل آڊيو پليئر انهن ڪنٽرول انسٽرڪشنز تي عمل ڪندي آواز گھٽ يا وڌ ڪندو آهي ۽ ٻڌندڙ جي خواهش موجب آڊيو ٽريڪ به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.

وائزيئر ڪمپني گذريل ستن سالن کان ان ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهي هئي جنهن کي هن سال پهريون ڀيرو آمريڪا جي لاس ويگاس ۾ هر سال ٿيندڙ ”ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو“ ۾ پيش ڪيو ويو آهي جيڪا دنيا ۾ جديد ترين ٽيڪنالوجي جي سڀ کان وڏي عالمي نمائش آهي.

وائزيئر ڪمپني موجب، اها ٽيڪنالوجي هاڻ ايتري پختي ٿي چڪي آهي جو ان کي ورچوئل ريئلٽي هيلمٽس يعني ”وي آر هيڊ سيٽس“ جو حصو به بڻائي سگھجي ٿو.

Read Previous

”ڪُوڙ جي رفتار تيز هوندي آهي پر منزل تي رڳو سچ پهچندو آهي“

Read Next

شهر جي مک اسٽاپ ۔جيلاني محله ۔خاصخيلي محله موٽياڻي محله سميت مختلف محلن جو دورو ڪري صفائي ڪرائي مين ھولن جا ڍڪڻ لڳايا ويا

Most Popular