حريم شاهه جو گهيرو تنگ، مني لانڊرنگ جي جاچ شروع

) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي اختيارين برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خط ۾ نيشنل ڪرائم ايجنسي کي ڪارروائي جي درخواست ڪئي ويندي.

آءِ ايف اي موجب انسٽاگرام تي جاري ويڊيو ۾ حريم شاهه پاڻ وڏي رقم منتقل ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهي آهي، حريم شاهه خلاف فارن ايڪسچينج قانونن تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته حريم شاهه 10 جنوري جي رات ڪراچي انٽرنيشل ايئرپورٽ تان دوحا لاءِ سفر ڪيو هو، هن وڏي رقم سان گڏ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون ۽ اعتراف ڪيو ته هوءَ اها ڳري پرڏيهي ڪرنسي پاڪستان مان برطانيا کڻي آئي آهي.

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته غير قانوني طريقي سان ڪرنسي جي منتقلي مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ٿي.

هوڏانهن مني لانڊرنگ جي جاچ بابت خبرن کانپوءِ حريم شاهه پنهنجون ويڊيوز سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ڊليٽ ڪري ڇڏيون.

Read Previous

ثانيا مرزا لاءِ هفتي جي شروعات ڪيئن هوندي آهي؟

Read Next

ڇا چين هٿرادو سج ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڇڏيو؟.

Most Popular