ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول 150 رپيا ليٽر ٿيڻ جو امڪان

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه وڌڻ سبب پاڪستان ۾ به پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو.

ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ سان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول 150 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو خدشو آهي.

آئل مارڪيٽنگ ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 جنوري کان پيٽرول اگهن ۾ في ليٽر 6 رپيا تائين واڌ جو امڪان آهي، جنهن ۾ پيٽرول 5 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 6 رپيا في ليٽر تائين وڌائڻ جو ڪاٿو آهي.

Read Previous

”توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو“ پرويز خٽڪ، عمران خان سان وچڙي پيو

Read Next

نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ ۽ نيول فارمز جي ايراضي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو چئلينج

Most Popular