اتر ڪوريا طرفان هائپر سونڪ ميزائل جو هڪ ٻيو تجربو

اتر ڪوريا طرفان هائپر سونڪ ميزائل جو هڪ ٻيو تجربو ڪيو ويو آهي.

اتر ڪوريا هائپر سونڪ ميزائل جو هڪ نئون ڪامياب تجربو ڪيو آهي.

ان ڪميونسٽ ملڪ جي اڳواڻ ڪم جونگ ان دعويٰ ڪئي آهي ته اهو ميزائل عسڪري نمائش، جوهري جنگ کي روڪڻ ۾ غير معمولي حد تائين مدد ڏيندو.

ٻڌايو ويو آهي ته ريڊار ۾ نه اچڻ جي صلاحيت جي حوالي سان اهو بيلسٽڪ ميزائل کان وڌيڪ بهتر آهي. پيونگ يانگ طرفان اهو نئون تجربو ان وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن عالمي برادري طرفان گذريل هفتي ئي ڪيل هڪ اهڙي ئي تجربي تي سخت تنقيد ڪري رهي آهي.

Read Previous

نيوي سيلنگ ڪلب ڪيرائڻ ۽ نيول فارمز جي ايراضي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو چئلينج

Read Next

ياسر شاهه تي زيادتي ۾ مدد جا الزام غلط نڪتا، بي ڏوهه قرار

Most Popular