انتهاپسندي جي هڪ ٻئي مثال: ڀارتي ايپ تي ملالا سميت هڪ سئو مسلمان عورتون نيلامي لاءِ پيش

ارت ۾ مسلمانن سان نفرت ۽ انتهاپسندي جي واقعن ۾ روزاني اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جي تازي مثال آن لائن ڀارتي ايپ بلي بائي تي نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل 100 مسلمان عورتون آهن.
قطري خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب ڀارتي ايپ بلي بائي تي 100 مسلمان عورتن جون تصويرون شيئر ڪندي کين آن لائن نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل عورتن جي تصويرن ۾ مسلمان اداڪاره شبانه اعطمي، ننڍي عمر ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا يوسفزئي، دهلي هاءِ ڪورٽ جي جج جي گهر واري سميت ڪيتريون ئي مسلمان سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن عورتون شامل آهن.
بلي بائي تي نيلامي ۾ پيش ڪيل 100 عورتن ۾ ڪشميري صحافي قرته العين رهبر جو نالو به موجود آهي. قرته العين گذريل سال سلي ڊيلز ۾ عورتن جي نيلامي جي لاءِ تصويرون جاري ڪرڻ جي خلاف آواز اٿاري هئي پر هاڻ عورت صحافي جو نالو به ان لسٽ ۾ شامل آهي.
واضح رهي ته هي ٻيون ڀيرو آهي جڏهن مسلمان عورتن جون تصويرون شيئر ڪندي کين نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. گذريل سال به سلي ڊيلز نالي ڀارتي ايپ تي 80 کان وڌيڪ مسلمان عورتن کي وڪرو جي لاءِ پيش ڪري انهن جي توهين ڪئي وئي هئي.

Read Previous

واٽس ايپ جو واهپيدارن جو وقت بچائڻ لاءِ وڏو قدم

Read Next

مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، حريم خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي: شهزاد اڪبر

Most Popular