مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، حريم خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي: شهزاد اڪبر

وزيراعظم جي گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر به حريم شاهه جي ڳري رقم سان گڏ وڊيو سامهون اچڻ تي بيان ڏنو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران حريم شاهه بابت پڇيل سوال تي شهزاد اڪبر چيو ته مني لانڊرنگ تي مذاق نٿو ٺهي، حريم شاهه جي معاملي تي ايف آءِ اي نوٽيس ورتو آهي ۽ انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.
شهزاد اڪبر چيو ته برطانوي ايجنسي طرفان به حريم شاهه جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته حريم شاهه سوشل ميڊيا پرڏيهي ڪرنسي جي نوٽن سان هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته مون کي ڪنهن به ناهي روڪيو ۽ نه ئي روڪي سگهي ٿو. پهريون ڀيرو پاڪستان مان يو ڪي ايتري وڏي رقم کڻي اچي رهي هئس.
حريم شاهه جي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ ايف آءِ اي سندس خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

انتهاپسندي جي هڪ ٻئي مثال: ڀارتي ايپ تي ملالا سميت هڪ سئو مسلمان عورتون نيلامي لاءِ پيش

Read Next

ٽن کان چئن مهينن دوران مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين، اپريل ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي: شيخ رشيد

Most Popular