مهانگائي جو مسئلو اپريل تائين حل ٿي ويندو: شيخ رشيد

وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آِهي ته اپوزيشن انڌي مڇي جيان ان هائوس تبديلي جا خواب ڏسي رهي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ بابت سوال تي چيو ته فنانس بل تي هنن جا 12 ماڻهو گھٽجي ويا، هاڻ عدم اعتماد جي رٿ آئي ته سندن 26 ووٽ گھٽجي ويندا، اوهان تقريرون ڪري سگھو ٿا ڪري وٺو ناڪامي اوهان جو مقدر آهي، ٻيون ڀيرو چئي رهيو آهيان ته چارئي شريف سياست مان مائنس آهن.

سندس چوڻ هو ته آئون چيو  هو ته فنانس بل پاس ٿي ويندو، چون پيا ته فنانس بل ان ڪري پاس ٿي ويو جو فون ڪال آئي، اوهان سڄي اسيمبلي کي اغوا ڪري مري کڻي ويئو ڪڏهن ڇانگا مانگا کڻي ويئو، اهي انڌي مڇي جيان ان هائوس تبديلين جا خواب ڏسي رهيا آهن.

وفاقي وزير چيو ته سياستدان پنهنجي ڳالهه ۽ اصول سان جيئندو ۽ مرندو آهي، فون ڪال ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪي اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن اهي سڀ ڇانگا مانگا جي پيداوار آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته سياسي پارٽين ۾ اختلاف هوندا آهن، اها هلڪي ڦلڪي موسيقي آهي، ڪو پڪو راڳ ناهي.

مري سانحي بابت سوال جي جواب تي گھرو وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مري نه وڃا ها ته اتي 23 جي جاءِ تي 30، 40 ماڻهو مري وڃن ها، مري ۾ ريجنرز کي ان ڪري طلب ڪيو ويو ڇو جو ڪو به پوليس ڳالهه نه پيو ٻڌي.

آءِ ايف وٽ وڃڻ جي سوال تي هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف وٽ پهريون ڀيرو ناهي ويو، آءِ ايم ايف جي سختي ان ڪري وڌيڪ آهي ڇو جو ناڻي تي بار وڌيڪ آهي.

نواز شريف بابت سوال تي جواب ڏيندي سندس چوڻ هو ته جيڪو بيمار هجڻ جو ڊرامو ڪندا آهن منهنجو تجربو آهي ته اهي بيمار ٿي ويندا آهن، گھڻا سياستدان ڏٺا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي ۾ مرندا آهن، پنهنجي ڌرتي جي جيل کي ساهرا سمجهندا آهن، ڪا به ڊيل ناهي ٿي رهي، هاڻ ڍِل به ناهي ٿي رهي.

هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ گھرو وزير جو چوڻ هو ته آئون مولانا فضل الرحمان جو نالو احترام سان ئي وٺندو رهندس.

شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم چئي چڪو آهي ته ايندڙ ٻه ٽي مهينا اهم آهن، اپريل کان پوءِ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، مون کي اپوزيشن ڪو به ٽف ٽائيم ڏيندي نظر نه پئي اچي.

اپوزيشن جماعتن جي حڪومت مخالف مارچ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته 2 جي جاءِ تي 3 مارچ ڪري وٺو ڪجهه به نه ٿيندو، پهريان به اپوزيشن لاءِ رستا کليل هئا ۽ هاڻ به اچن ته رستا کليل هوندا، اپوزيشن ڪو به اهڙو ڪم نه ڪيو ته رستا کليل هوندا.

وفاقي وزير چيو ته پيٽرول سڄي دنيا ۾ مهانگو آهي اسان جو مسئلو مهانگائي جو آهي، مهانگائي جي مسئلي کي عمران خان اپريل مئي ۾ حل ڪري ڇڏيندو، اپوزيشن کي شڪست ٿيندي ۽ عمران خان پنج سال پورا ڪندو.

شهباز شريف طرفان پاڻ کي عمران خان لاءِ ڀوائتو خواب چوڻ بابت سوال تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته شهباز شريف عمران خان جو سُهڻو خواب آهي، اهو بزدلن جو گروهه آهي جيڪو پيسو ٺاهڻ لاءِ سياست ڪندو آهي.

Read Previous

وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي رهي آهي: مراد علي شاهه

Read Next

چين مصنوعي چنڊ ٺاهيندو

Most Popular