اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ، اين سي او سي جو تعليمي ادارن بابت وڏو بيان

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي تعليمي ادارن جي بندش بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سڀني صوبن جي مشاورت ۽ ڪورونا صورتحال بابت جائزو وٺي تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ وڏي پيماني تي ڪورونا ويڪسين جي ٽيسٽنگ ڪئي ويندي.

ان کان سواءِ اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪورونا جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح وارن شهرن ۾ تعليمي سرگرميون محدود ڪيون وينديون ۽ 12 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن کي متبادل ڏينهن اسڪول موڪليو ويندو.

Read Previous

پي ايس ايل ميچز لاءِ 25 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت

Read Next

اومي ڪرون: اسڪولن بابت اهم فيصلو، ملڪ ۾ نيون پابنديون لاڳو

Most Popular