سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرا، 7 ڄڻا مارجي ويا، 100 جي ويجهو زخمي

سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرن دوران سيڪيورٽي فورسز هٿان 7 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

سوڊان ۾ احتجاجي مظاهرن دوران سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 7 ڄڻا مارجي ۽ 100 جي ويجهو ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

اهو واقعو ملڪ ۾ عبوري سويلين حڪومت جي بحالي لاءِ آمريڪي سفارتڪارن جي اچڻ کان اڳ پيش آيو آهي.

ٻي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سمورين ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ  جي اپيل ڪئي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ٿيل فوجي بغاوت جي خلاف خرطوم ۾ هزارين ماڻهن فوج جي خلاف مظاهرا ڪيا هئا. مظاهرين جڏهن صدارتي محل طرف وڃي رهيا هئا ته سيڪيورٽي فورسز هنن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ۽ فائرنگ ڪئي.

Read Previous

بدلياتي چونڊون مئي ۾ ڪرائڻ جو اعلان

Read Next

نوشھرو فيروز : سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي سس لاڏاڻو ڪري ويئي جنهن جي جنازي نماز پڊعيدن ۾ ادا ڪئي ويئي

Most Popular