نوشھرو فيروز : سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي سس لاڏاڻو ڪري ويئي جنهن جي جنازي نماز پڊعيدن ۾ ادا ڪئي ويئي

نوشھرو فيروز(ڊر) سول اسپتال نوشھرو فيروز جي سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي سس لاڏاڻو ڪري ويئي جنهن جي جنازي نماز پڊعيدن ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ سياسي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن سميت صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد خان شر پوليس سرجن ڊاڪٽر مشتاق علي مهيسر AMS ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي DMS ڊاڪٽر امين احمد جلباڻي ڊاڪٽر محمد صفر چنا ڊاڪٽر رحمت الله سومرو ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سھتو ڊاڪٽر حبيب الله سومرو ڊاڪٽر ظھور لاشاري پيراميڊيڪل اڳواڻ خادم حسين مستوئي اعجاز ممنائي حزب الله راڄپر اشرف قريشي لالا موسيٰ خان محمد يونس وسڻ عبدالرئوف سومرو ۽ ٻين چيو ته موت برحق آھي جنهن کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي ڇوته جيڪا شيء ٺهي آھي ان کي ڊهڻو ئي آھي پر بزرگن جو سعيو وڏو سرمايو آھي جنهن کان انسان محروم ٿي وڃي دعا آھي ته الله سائين مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئيرن کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي

Read Previous

سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرا، 7 ڄڻا مارجي ويا، 100 جي ويجهو زخمي

Read Next

لاهور ڌماڪو لاءِ ڪيترا دهشتگرد آيا، تفصيل سامهون اچي ويا

Most Popular