لاهور ڌماڪو لاءِ ڪيترا دهشتگرد آيا، تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور جي انارڪلي بازار ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي لاءِ آيل دهشتگردن بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب ڌماڪي لاءِ 2 سهولتڪار ۽ هڪ دهشتگرد انارڪلي بازار پهتا، 2 سهولتڪار سرڪلر روڊ کان آيا جڏهن ته هڪ دهشتگرد پان گھٽيءَ کان آيو.

ذريعن موجب دهشتگرد بيگ بينڪ جي سامهون رکيو ۽ سرڪلر روڊ طرف فرار ٿي ويو جڏهن ته دهشتگرد کي آڻيندڙ سهولتڪار به فرار ٿي ويا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي انارڪلي بازار ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

Read Previous

نوشھرو فيروز : سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي سس لاڏاڻو ڪري ويئي جنهن جي جنازي نماز پڊعيدن ۾ ادا ڪئي ويئي

Read Next

مري سانحو ڪيس: سڄي ذميواري ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي سربراهه جي آهي

Most Popular