نااهل حڪومت زرعي شعبو تباهه ڪري ڇڏيو، هارين جو معاشي قتل برداشت نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نااهل حڪومت زرعي شعبو تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڀاڻ نه هجڻ سبب اڄ پاڪستان جو هاري بکيو سمهي رهيو آهي، اسان هارين جو معاشي قتل برداشت نه ڪنداسين.
رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ ٽريڪٽر مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ کان پوءِ ٻيو بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. نااهل حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ عمران خان جا سهولتڪار لسانيت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي سڃاڻپ زرعي ملڪ جي طور تي ٿيندي هئي، اڄ پاڪستان جو زرعي شعبو تباهه ٿي رهيو آهي
سليڪٽڊ حڪومت معيشت کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي. خان صاحب پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورهاست ڪئي. ڀاڻ ۽ يوريا جو بحران پيدا ڪيو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته اڄ زرعي معيشت تباهه، پاڪستان جو هاري بکيو سمهي رهيو آهي، هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن جو يوريا ڀاڻ لاءِ هارين کي ڊگهين قطارن ۾ بيهڻو پوي ٿو. هاري بکيو سمهندو ته ملڪ بکيو سمهندو. هارين جو معاشي قتل برداشت نٿا ڪري سگهون. هاري مطالبو ڪري رهيا آهن ته اسان جا مسئلا حل ڪريو.
عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اسان پنهنجا حق گهرندا رهنداسين، ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو متحده ۽ تحريڪ انصاف مٿان تنقيد ڪندي چيو ته هنن ٻنهي پارٽين کي بلدياتي چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين ۽ نااهل حڪمرانن کي نيڪالي ڏئي ڪٺ پتلي نظام جو خاتمو آڻينداسين، وقت جي آمر ۽ ظالم لاءِ جيالا ڪافي آهن، اسان هنن جي وڃڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، جيالا سندرو ٻڌي وٺن. هاڻ نااهلن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي پ پ هميشه ظالمن ۽ جابرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي.

Read Previous

تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس گهر واري ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

طالبان ترجمان هٿان آمريڪي شهري اسلام قبولي ورتو

Most Popular