طالبان ترجمان هٿان آمريڪي شهري اسلام قبولي ورتو

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد هٿان ڪرسٽوفر نالي آمريڪي شهري اسلام قبولي ورتو.

افغانستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي موجب آمريڪي شهري ڪرسٽوفر وڏي وقت کان افغانستان ۾ سرگرم هو.

سرڪاري ايجنسي طرفان ويڊيو به جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد آمريڪي شهري کي ڪلمو پڙهايو.

ڪلمو پڙهڻ کانپوءِ ذبيح الله مجاهد ۽ ٻين اختيارين آمريڪي شهري کي ڀاڪر پائي مبارڪون پيش ڪيون.

ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته آمريڪي شهري جو اسلامي نالو محمد عيسيٰ رکيو ويو آهي.

Read Previous

نااهل حڪومت زرعي شعبو تباهه ڪري ڇڏيو، هارين جو معاشي قتل برداشت نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو

Read Next

پي ايس ايل 7 جو گانو توهان کي ضرور وڻندو: آئمه جو مداحن کي پيغام

Most Popular