ٽنڊوالهيار : ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي قاتلاڻي حملي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ جاويد لاشاري)
ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي قاتلاڻي حملي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ڏهرڪي پاران ايس ٽي پي هائوس ڏهرڪي کان پريس ڪلب ڏهرڪي تائين ريلي ڪڍي وئي

رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي قاتلاڻي حملي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ڏهرڪي پاران ايس ٽي پي هائوس ڏهرڪي کان پريس ڪلب ڏهرڪي تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ضلعي نائب صدر آفتاب شر ، ڄام معشوق سميجو ، ڄام مجيب سميجو، گلزار شر وقار چانڊيو معروف سميجو گل منير شر ڊاڪٽر منصور ميراڻي علي خان سولنگي ۽ ٻين جي ھٿن بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي ٽنڊوالهيار واقعي خلاف نعريبازي ڪئي اڳواڻن پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاج ڪندي چيو ته ٽنڊو الهيار ۾ شھيد الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ تي ڀاءُ اسد جسڪاڻي تي حملو ڪيو ويو جيڪو گولي لڳڻ سبب زخمي آهي پر سنڌ سرڪار توڙي ٽنڊوالهيار پوليس شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ترقي پسند اڳواڻ اسد جسڪاڻي، ذيشان جسڪاڻي ۽ ٻين کي ڪوڙي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسد جسڪاڻي تي حملو ڪري مرڻينگ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ناهي ٿي ھنن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وارا لساني فساد ڪرائڻ چاهين ٿا ڇو ته ڀولو خانزاده جي واقعي کان پوءِ ٽنڊوالهيار شهر کي ساڙي رک ڪيو ويو آهي شهرين جي ڪاروبار کي زبردستي بند ڪرايو ويو ھنن وڌيڪ چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي بيگناهه قتل بعد ٽنڊوالهيار ۾ ھزارين ڪارڪن پهتا ھئا پر اسان ڪنهن کي ھڪ پٿر به نه هنيو لساني فساد ڪرائيندڙن ٽنڊوالهيار ۾ شھرين جي دڪانن ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏنيون آهن ھنن وڏي وزير سنڌ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسد جسڪاڻي تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي پوري ضلع م سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي قومي انسداد پوليو مهم جي حوالي

Read Next

خيرپورناٿن شاھ : 2 افسوناڪ واقعا نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي هڪ ڄڻي جي نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

Most Popular