اينڊرائيڊ تان آءِ فون ۾ واٽس ايپ چيٽ منتقل ڪرڻ ممڪن

گذريل سال آگسٽ ۾ واٽس ايپ آءِ او ايس ڊوائيسز تان چيٽ هسٽري اينڊرائيڊ فونز ۾ منتقل ڪرڻ جي سروس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

جنهن کي شروعاتي طور تي اينڊرائيڊ 10 يا 11 آپريٽنگ سسٽم تي متعارف ڪرايو هو، پر هاڻ اهو فيچر آءِ او ايس لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورجن ۾ ڏنو ويو آهي.

واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ سائيٽ طرفان فيچر بابت اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيا ويا آهن. ٽرانسفر کان اڳ واٽس ايپ طرفان پرميشن گھري ويندي، ۽ ايپ کي اوپن ۽ فون کي ان وقت تائين ان لاڪ رکڻو پوندو جيستائين چيٽ ٽرانسفر نه ٿي وڃي.

ان سان اڪائونٽس انفارميشن، پروفائل فوٽو، چيٽس، گروپ چيٽس، چيٽ هسٽري، وائس ميسيجز، تصويرون، وڊيوز ۽ سيٽنگز سڀ ڪجهه ٽرانسفر ٿي ويندو.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان ٽول تي عملدرآمد گھڻو ڏکيو هو ڇو جو سڀ ميسيجز اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ ۽ ڊوائيس ۾ محفوظ هوندا آهن.

Read Previous

سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي 10چڪ ڀرسان نوجوان 24سال شان پڙھياڙ جي نالي سڃاڻپ ٿي لاش هٿ

Read Next

اسد قيصر، ثاقب نثار جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو طلبي جي مخالفت ڪري ڇڏي

Most Popular