غريب کي طاقتور جي مقابلي ۾ انصاف ملندو ته خدا جي برڪت ايندي: عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن غريب کي طاقتور جي مقابلي ۾ انصاف ملندو آهي ته اهو دعائون ڏيندو آهي ۽ غريب جي دعائن سان الله جي برڪت ايندي آهي.

ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ رفارمز بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو ته اهو خوابن جي دنيا ۾ رهي ٿو، ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ قدم آهن.

عمران خان چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو اوورسيز پاڪستاني آهن، 90 لک پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي آمدني 22 ڪروڙ پاڪستانين جي برابر آهي پر اوورسيز پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ناهن ڪندا ڇو جو کين قانون جي حڪمراني تي اعتماد ناهي، اوورسيز پاڪستانين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي ته اسان کي ڪٿي ٻاهر هٿ ٽنگڻو نه پوندو.

هن چيو ته ليگل سسٽم ٺيڪ نه هجڻ سان قانون جي حڪمراني ممڪن ناهي، عام ماڻهو جيلن ۾ ڀريل آهن، جيلن ۾ غريبن جون ڀوائتيون ڪهاڻيون آهن، عام ماڻهو جو ڏوهه سندس غربت آهي.

سندس چوڻ هو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرمنل سسٽم ۾ سڌارا ڪيا آهن، وڪيل ۽ عدليا کي عملدرآمد جي اپيل ڪيان ٿو.

وزيراعظم چيو ته معاشري ۾ جيستائين انصاف نه ٿيندو خوشحالي نه ايندي، جيئن جيئن ننڍن ماڻهن کي تحفظ ملندو ته خدا جون برڪتون اينديون، غريب کي طاقتور جي خلاف انصاف ملندو آهي ته غريب دعائون ڏيندو آهي، غريب جي دعائن سان خدا جون برڪتون اينديون آهن.

هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل امپائر لاءِ گھڻي جدوجهد ڪئي، تنقيد به ٿي پر ڪامياب ٿياسين، اسان اليڪشن ۾ به ٽيڪنالوجي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سسٽم ۾ ٽيڪنالوجي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو.

Read Previous

شهزاد اڪبر ۽ عمران خان وچ ۾ ناراضگي جو سبب نواز شريف ۽ پيسا واپس نه آڻڻ آهي: شِيخ رشيد

Read Next

وڏي وزير جو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان رابطو، ڪراچي واقعي تي افسوس جو اظهار

Most Popular