بيجنگ ۾ جون 2020ع کان پوءِ ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

بيجنگ ۾ جون 2020ع کان هيل تائين سڀ کان وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿياآهن.

پرڏيهي خابرو اداريموجب نيشنل هيلٿ ڪميشن ٻڌايو آهي ته چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 20 جڏهن ته سٺي چين ۾ ڪورونا جا 54 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

بيجن جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعي ۾ 2 ملين آبادي جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 20 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

گھڻي عرصي کان پوءِ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ بيجنگ جي ڪجهه هائوسنگ ڪمپائونڊز ۾ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.

Read Previous

هانيا عامر ۽ فرحان سعيد به پشاور زلمي جا برانڊ ايمبيسڊر بڻجي ويا

Read Next

يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular