تاحيات نااهلي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ بار جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

جسٽس منيب اختر

تاحيات نااهلي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ بار جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي وئي.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار تاحيات نااهلي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي درخواست کي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيو.

رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته معاملي تي سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، تاحيات نااهلي جي معاملي تي نظرثاني درخواستون به رد ٿي چڪيون آهن، معاملي تي هڪ ڀيرو فيصلو ٿي وڃي ته نئين درخواست داخل نٿي ڪري سگهجي.

Read Previous

هڪ چور، ڏوهي ۽ ڀڳوڙي لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي: وزيراعظم

Read Next

چيمپيئن ٽيمن کي ٽاس کٽڻ يا هارائڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو: محمد رضوان

Most Popular